رنگين مادو

رنگين مادو

رنگين مادو

رنگين مادو (Pigment): رنگين مادو هڪ اهڙو مادو آهي، جيڪو پاڻ تي پوندڙ روشنيءَ جي ڪن رنگن کي جذب ڪري ڇڏيندو آهي ۽ باقي ڪن کي موٽائيندو آهي. اهڙي ريت موٽندڙ روشنيءَ جو رنگ رنگين مادي جي خاصيت آهي ۽ ان جو رنگ سڏبو آهي. ان ڪري مختلف شيون مختلف رنگن جون نظر اچن ٿيون. ڪجهه مادا اهڙا هوندا آهن، جن ۾ ٻين مادن کي رنگڻ جي خاص صلاحيت ٿئي ٿي، انهن کي مختلف شين کي رنگ ڏيڻ، پينٽ ڪرڻ، لکڻ ۽ تصويرن ۾ ڀرڻ لاءِ ڪم آڻبو آهي. رنگين مادي جي پائداري، صنعت ۽ فن (Art) ٻنهي ۾ ضروري آهي، ڪجهه رنگ دائمي نه هوندا آهن، ۽ وقت گذرڻ سان گڏ روشنيءَ جي اثر ڪري بي رنگ ٿي ويندا آهن. رنگين/ روغني مادي کي پينٽ، روشنائي، پلاسٽڪ، ڪپڙن، خوراڪ ۽ ٻين مادن کي رنگڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. رنگين مادا مختلف رنگن ۾ ان ڪري نظر اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي اها روشني موٽائين ۽ جذب ڪن ٿا، ان جي موٽيل روشنيءَ جي لهر واري ڊيگهه (Wave Length) هڪ رنگين تاثر پيدا ڪري ٿي. مثال طور: آسمان تي پوندڙ سفيد روشنيءَ ۾ اهو نيري رنگ کان سواءِ باقي لهر واري ڊيگهه (Wavelength) جي روشني جذب ڪري ڇڏيندو آهي ۽ نتيجي ۾ نيرو نظر ايندو آهي ۽ ٻين رنگن جو به ساڳيو ئي حال آهي.


لفظ رنگين مادوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو